گورڌن ڀارتي

گورڌن ڀارتي

گورڌن ڀارتي

گورڌن ڀارتي: ليکڪ، شاعر ۽ گائڪ گورڌن ولد آسومل محبوباڻي ڀارتي جو جنم 13 جنوري 1929ع تي آراضي، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. پرائمري تعليم سنڌ مان حاصل ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ هو هندستان لڏي ويو ۽ آگرا يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي. هو گائڪ کان علاوه هڪ بھترين اداڪار، هدايتڪار ۽ چترڪار پڻ هو. شاعريءَ ۾ نارائڻ شيام سندس استاد هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’عمر ماروي‘ (هندي ڊرامو)، ’گل ۽ مکڙيون‘ (شاعري)، ’پيلو چنڊ لال داغ‘ (ڪھاڻيون)، ’اُٺا مينھن ملير تي‘ (گيت)، ’طوفاني رات‘ (ناٽڪ)، ’لاتيون‘ (ٻاراڻا گيت)، ’نئين بستي‘ (ٻاراڻيون ڪھاڻيون)، ’شيشي جا گهر‘ (ڪھاڻيون) ۽ ’پانڌي پراڻو واٽ نئين‘ (ڪھاڻيون) شامل آهن. ادبي مڃتا طور کيس سنڌي ساهتيھ اڪادمي دهليءَ جو ايوارڊ، N.C.P.S.L طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ (50 هزار روپيا انعام سميت) ۽ آل انڊيا ريڊيو ايوارڊ مليا. ان کان علاوه کيس تعليم کاتي جي وزارت پاران ٻارن جي ادب تي، 1957ع، 1962ع ۽ 1966ع ۾ واسواڻي ايوارڊ به ملي چڪو آهي. هُن هند ۾ ٺھيل ڪيترين ئي سنڌي فلمن جا گانا ڳايا، جن ۾: ’جهولي لال‘، ’لاڏلي‘، ’سنڌو جي ڪناري‘، ’هو جمالو‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ ۽ ’هل ته ڀڄي هلون‘ وغيره شامل آھن. 22 جون 2010ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.


لفظ گورڌن ڀارتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.01.13  عيسوي

ليکڪ، شاعر ۽ گائڪ گورڌن ولد آسومل محبوباڻي ڀارتي جو جنم 13 جنوري 1929ع تي آراضي، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو.


2010.06.22  عيسوي

گورڌن ڀارتي 22 جون 2010ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبيب ساجد
ٽي ايل واسواڻي
فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
بلاول پرديسي
حيدر شاهه سيد
پير ابراهيم شاهه، رام ٻاراهو
خواجه غلام فريد
سوامي پرمانند
آسن واسواڻي مجبور
سيد فاضل شاهه فاضل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون